پارس پپل

پارس پپل (Tulip ):هڪ قسم جو ٻوٽو آهي، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آهي. هي وچولي قد جو ٻوٽو آهي. هن جا پن پان جي پنن جيان نوڪدار ۽ گل ڪٽوري جيان اڀن ڪنارن سان ٿين ٿا. گلن جا پن ۽ ڦر ڀينڊين وانگي ٿيندا آهن. هن ٻوٽي جي تازين ڦرين مان هڪ رس نڪرندو آهي، جيڪو وڇونءَ يا ڪنهن زهريلي جيت جي ڏنگيل جاءِ تي آرام رسائي ٿو. اِن جي ڦرين مان ٻيو گهاٽو رس به نڪري ٿو جو خارش ۽ ڏڍ وغيره ۽ کل جي بيمارين لاءِ ليپ طور ڪتب ايندڙ ۽ ڪارآمد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو